انشاءِ ماهرو

انشاءِ ماهرو (ڪتاب ):هي ملتان جي گورنر عين الملڪ ”ماهرو“ جي لکيل خطن جو مجموعو آهي، جن ۾ ڪي خط اهڙا آهن، جن ذريعي ڄامن ۽ تغلقن ۾ ٿيل ڇڪتاڻ تي روشني پوي ٿي. سمن جي تاريخ جي ابتدائي حصي تي پيل پردا هنن خطن جي اڀياس ذريعي هٽي سگهيا آهن. هيءُ ڪتاب پروفيسر شيخ عبدالرشيد ايڊٽ ڪيو ۽ لاهور مان ان کي ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان 1965ع ۾ شايع ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو